عبدالهادي سرهيو ڊاڪٽر

عبدالهادي سرهيو ڊاڪٽر: عبدالهادي ولد عبدالغفور سرهيي، 12 جولاءِ 1928ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو. پرائمــري شـهر جي شاهه محمد اسڪول مان پڙهڻ بعد ثانوي تعليم ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي، مئٽرڪ 1944ع، انٽر 1946ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پڙهيو. فارسيءَ ۾ بي. اي ۽ عربيءَ ۾ ايم. اي بعد قرآني اخلاقيات جي موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. هن مولوي عالم ۽ فاضل جا امتحان به پاس ڪيا. 1953ع ۾ ڪراچيءَ مان بي. ٽي پڙهيو. 1950ع ڌاري مٺياڻي، ضلعي نوشهري فيروز جي ٽريننگ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. ان کانپوءِ ڪيڊٽ ڪاليج ميرپورخاص سميت ٻين مختلف ڪاليجن ۾ ليڪچرار ۽ پرنسپال ٿيو. هن 11 جولاءِ 1988ع تي ايليمينٽري ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال واري منصب تان رٽائرمينٽ ورتي. هن اسلامي تاريخي توڙي مذهبيات تي چڱي تحقيق ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي: (1) نصيحت نامو (1969ع)، (2) غنچه هدايات (1971ع)، (3) قانون اسلام (1978ع)، (4) اسلامي نظام (1982ع)، (5) ٻنهي جهانن جو سردار (1983ع)، (6) دانائي جا گفتا (1984ع)، (7) الهنج الجديد (1986ع)، (8)علمي تحفه (1989ع)، (9) ٻارن جو ادب- ڪهاڻيون (1990ع)، (10) رحمت عالم (1990ع)، (11)، سيد الرسل (عربي: 1994ع) ۽ (12) دي گريٽ روليٽنري پرافٽ (1997ع) شامل آهن. هي اسڪول ايجوڪيشن حيدرآباد ريجن جي بُڪ رويو ڪميٽيءَ جو ڪيترائي سال ميمبر رهيو. هن کي تنظيم فڪر و نظر سنڌ طرفان لطيف ڪانفرنس جي موقعي تي اوارڊ به ڏنو ويو ۽ ان کان سواءِ جولاءِ 2010ع ۾ ’قاضي عبدالحئي قائل اڪيڊمي رتيديري/ ڪراچي‘ پاران کيس ’بهترين استاد‘ جو اوارڊ پڻ ڏنو ويو. ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.07.12  عيسوي

عبدالهادي ولد عبدالغفور سرهيي، 12 جولاءِ 1928ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير عبدالستار جان سرهندي
عبدالله بن عمر هباري
علامي محمد ٺٽوي
سيد بچل شاهه تابش نقوي
بال ٺاڪري
ڀڳت ڪنور رام
ديوان گدو مل
خواجه ناظم الدين
جاويد جبار
سقراط
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون